Federal Public Service Commission (FPSC)
Competitive Examination for Recruitment to BPS-17 Posts under the Federal Government
Time Allowed: 3 Hours
Paper: Sindhi
PART-I (Objective) : 20 Marks
i) Select the best option/answer and fill in the appropriate Box on the OMR Answer Sheet. (20×1=20)
(1) ”عالمه عليم اعلي ، ڌڻي جو عالم اعلي“ هن بيت جي ٻي سٽ ٻڌايو؟
(A) رحيم رب رازق ، وحده واحد والي
(B) حڪيم حمد چئي ، ڌڻي سچو سارهه سو
(C) قادر پنهنجي قدرت سان ، قائم آهي قديم ،
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(2) لفظن جي معنيٰ ادبي راءِ ڪنهن جي چيل آهي؟ ”تحرير ۾ نه پر پڙهندڙ جي ذهن ۾ هوندو آهي.“
(A) سوئسير
(B) الڪان
(C) رولينڊ بارٿس
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(3) صرفيات علم جو ڇا آهي؟
(A) آوازن جو علم
(B) لفظن جو علم
(C) گرامر جو علم
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(4) ”جهه“ ڪهڙي آواز جو قسم آهي؟
(A) وسرڳ
(B) اوسرڳ
(C) سر
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(5) خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو تصوف جي ڪهڙي سلسلي جو شاعر هو؟
(A) قادري
(B) سهروردي
(C) نقشبندي
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(6) سنڌيءَ ۾ پهريون منظوم ليليٰ مجنون قصو ڪنهن جوڙيو هو؟
(A) سيد محمد فاضل شاهه
(B) شاهه محمد ميران
(C) جلال کٽي
(D) انهن ٽنهين مان ڪو به نه
(7) دوراهو لوڪ ادب صنف سان ڪهڙو تعلق رکي ٿي؟
(A) پرولي
(B) هنر
(C) ڏٺ
(D) انهن ٽنهين مان ڪو به نه
(8) لوڪ گيت سنڌ جو حصي سان ڪهڙو تعلق ٿو رکي ”امراڻو“؟
(A) الڙ
(B) ماڃر
(C) ٿر
(D) انهن مان ڪو به نه
(9) جملي هن کي ڇا چئبو ”آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي ويٺي ، بورچياڻي“؟
(A) ورجيس
(B) اصطالح
(C) پهاڪو
(D) انهن مان ڪوبه نه
(10) مٿين ستن ۾ ڪهڙي تجنيس استعمال ٿيل آهي؟ ”مور ناتين کي ، نه تتين رات تاريڪ ، راهه ٿي باريڪ“
(A) تام تجنيس
(B) خطي تجنيس
(C) حرفي تجنيس
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(11) ع 1884 ۾ هڪ تنظيم ٺاهي ويئي ان جو نالو الله بخش اٻوجهو ۽ خانبهادر علي حسن آفندي طرفان هو، ڪهڙو هو؟
(A) محمدي مجمع
(B) سنڌ اسلام مدرسه
(C) ايجوڪيشنل ائسوسيئشن
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(12) رمل بحر ۾ ڪهڙو وزن هوندو آهي؟
(A) فاعالتن
(B) فعولن
(C) مستفعولن
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(13) صاحب سراج ويدڪ سنسڪرت جو دور ڪهڙو ٻڌايو؟
(A) 300 ق م
(B) 500 ق م
(C) 2500 ق م
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(14) شاهه جي بيت جي ٻئي سٽ ڪهڙي آهي؟ ”اونداهه ٿئي پير نه لهين پرين جو ،…“
(A) راڻا تنهنجي راهه ۾ ، ڏيهاڻي ڏيکان ،
(B) وتري
(C) سر سانداڻ ڪري ، پڇج گهر لوهار جو.
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(15) ”اڀرنش وراچڊ“ ڇا آهي؟
(A) هندن جو ديوتا
(B) پراڻي بگڙيل ٻولي
(C) ايران جو سڪو
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(16) جملي هن ۾ گرامر موجب ڪهڙو اسم استعمال ٿيل آهي؟ ”اسلم راند ڏسندي گهر موٽيو“
(A) اسم استقبال
(B) اسم فاعل
(C) اسم حاليه
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(17) جملي هن ۾ ڪهڙو فعل استعمال ٿيل آهي؟ ”اڀريو سج“
(A) لازمي فعل
(B) متعدي فعل
(C) معاون فعل
(D) انهن تنهي مان ڪو به نه
(18) تحقيق جي موجب سنڌ سرزمين تي سڀ کان پهريان ڪهڙي نسل جا ماڻهو آيا هئا؟
(A) دراوڙ
(B) آريا
(C) ڪول ۽ سنٿال
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(19) هيءُ نظريو ڪنهن جو آهي ”سنڌي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل زبان آهي“؟
(A) ڀيرومل آڏواڻي
(B) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
(C) صاحب سراج
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
(20) جملي مٿئين ۾ ڪهڙو ظرف ڪيل استعمال آهي؟ ”گهوڙو آهستي ٿو ڊوڙي“
(A) ظرف تميز
(B) ظرف زمان
(C) ظرف مڪان
(D) انهن ٽنهي مان ڪو به نه
PART-II (Subjective) : 80 Marks
Attempt ONLY FOUR questions from PART-II. ALL questions carry EQUAL marks.
PART-II
سوال نمبر 2: اياز شيخ جي شاعريءَ ۾ رومانوي جماليات تي بيتن جا مثال ڏئي بحث ڪريو. (20)
سوال نمبر 3: شاهه لطيف شاعريءَ ۾ سمنڊ جي ذريعي واپار وڻج ۽ سامونڊي ڪنارن جي ماحول ۽ نفسيات جي ريت ڪهڙي عڪاسي ٿيل آهي؟ مثالن ذريعي سمجهايو. (20)
سوال نمبر 4: سنڌي افساني جي جديد شڪل ۽ ترقي پسند نظريو جمال ابڙو جو عڪس ملي ٿو. توهان هن راءِ کي ڪيئن ٿو ڏسو؟ افسانن ۾ فڪر ۽ فن جي ذهن کي رکي مٿئين راءِ تي بحث ڪريو. (20)
سوال نمبر 5: جديديت جي پڄاڻان تنقيدي نظرين ۾ ڪهڙا الڙا موجود آهن؟ طور خاص فني اصولن جو جائزو وٺو. (20)
سوال نمبر 6: ”انگريزن جي دور ۾ سنڌي نثر ترقي ڪئي“ هن راءِ تي مختلف ليکڪن جي تحريرن جا مثال ڏئي بحث ڪريو. (20)
سوال نمبر 7: ڪنهن به ٻن شخصيتن جي ادبي خدمتن تي نوٽ لکو: (20)
(الف) شيخ الطاف
(ب) اسماعيل عرساڻي
(ج) امر جليل
(د) مرزا قليچ بيگ
سوال نمبر 8: (الف) هيٺ ڏنل سنڌي پئراگراف جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪريو. (10)
”ڪنهن به ملڪ جي ٻولي، ان ملڪ جي سماجي، ثقافتی، تمدني ۽ تهذيبي تاريخ جي آئينه دار هوندي آهي. ڪنهن به قوم جي ٻوليءَ جي مطالعي مان ان قوم جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن ۽ نفسياتي ساخت جي خبر پوندي آهي. زبان، علم، ادب جو خالق ۽ ادبي روايتن جو محافظ هوندي آهي. زبان ئي ان قوم جو مرڪزي عنصر هوندي آهي.“
(ب) Translate the following paragraph into Sindhi. (10)
“I am convinced that most disputes could be prevented and solved through synergistic Third alternative communication, “suing” and “the law” should be used as the court of last resort. Not the first. A litigious culture is unhealthy for society, destroys trust and gives terrible modelling.”