Federal Public Service Commission (FPSC)
Competitive Examination for Recruitment to BPS-17 Posts under the Federal Government
Time Allowed: 3 Hours
Paper: Sindhi
PART-I (Objective) : 20 Marks
i) Select the best option/answer and fill in the appropriate Box on the OMR Answer Sheet. (20×1=20)
(1) گھڙولي صنف ڪهڙي جو ايجاد آهي؟
(A) فقير عثمان سانگي
(B) سچل سرمست
(C) اعجاز شاهه راشدي
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(2) سئو سال هڪ ناول ”سنڌيءَ ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو آهي؟
(A) عبدالقادر جوڻيجو
(B) ولڀ رام ولي
(C) مرزا علي مراد
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(3) سنڌيءَ ۾ اصلوڪي مختصر ڪهاڻي لکڻ جي ابتدا ڪهڙي سال کان ٿي؟
(A) 1914ع
(B) 1947ع
(C) 1901ع
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(4) انگريز ڪمشنر حڪمن جي تحت سنڌي ٻوليءَ لاءِ صورتخطي ڪهڙي مقرر ٿي؟
(A) چارلس نيپيئر
(B) رچرڊ برٽن
(C) بارٽل فريئر
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(5) شاهه لطيف نوريءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
(A) سر سارنگ
(B) ڪنڀات
(C) سامونڊي
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(6) ”اياز جا ناٽڪ سنگيت“ ڪنهن مرتب ڪيا آهن؟
(A) ڊاڪٽر فياض لطيف
(B) ڊاڪٽر اسحاق سميجو
(C) ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(7) ”تنهائي جي ميلي“ ڪتاب ڪهڙي صنف تي مشتمل آهي؟
(A) ناول
(B) ڊرامو
(C) شاعري
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(8) استاد بخاريءَ جو ڪتاب ”نبريو ڪم نه، نبريو غم نه“ ۾ ڇا آهي؟
(A) گيت
(B) آزاد نظم
(C) ترائيل
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(9) جلال کٽي جو صنف جو شاعر آهي؟
(A) شاعري سينگار
(B) نعت
(C) گنان
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(10) ”جنم ڀومي شمشان ڀومي“ ڪنهن جو ڪتاب آهي؟
(A) امر جليل
(B) محبوب ماهتاب
(C) بابا علي
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(11) سليم آغا جو ناول ”اوست همه“ ۾ ڪهڙي صوفي شاعر جو ڪردار ملي ٿو؟
(A) ميون عنايت شاهه رضوي
(B) گرو نانڪ
(C) شاهه لطيف
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(12) ”سنڌي لوڪ ادب اسڪيم“ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪنهن جي سربراهيءَ ۾ هلي؟
(A) علي عثمان انصاري
(B) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(C) ابراهيم محمد جويو
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(13) علامه اقبال جي طرز تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ”شڪوه“ ڪهڙي شاعر لکيو؟
(A) حيدر بخش جتوئي
(B) اياز شيخ
(C) هوندراج دکايل
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(14) ڊاڪٽر طارق عالم جو ناول ”منظر ويل رهجي ويو“ ڪهڙي يونيورسٽي ۾ آهي؟
(A) سي ايم ايل
(B) خيرپور يونيورسٽي
(C) سنڌ يونيورسٽي
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(15) ”ڏيهه ڏوري ڏوري“ ڪتاب ڪهڙي صنف ۾ آهي؟
(A) ڊراما
(B) يادگيريون
(C) ڪهاڻي جيون
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(16) ”مورو“ ڪهڙي علائقي جو لوڪ گيت آهي؟
(A) ڪوهستان
(B) ٿر
(C) اتر سنڌ
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(17) ”تمنائي جا چنڊ“ ڪير ليکڪ جو آهي؟
(A) دوست علي عاجز
(B) سليم آغا
(C) رسول ميمڻ
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(18) هيٺين مان ڪهڙي صنف بحر وزن ۾ نه ٿيندي آهي؟
(A) آزاد نظم
(B) سانيٽ
(C) نثري نظم
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(19) ٻولين جي قدامت لسانيات جي ڪهڙي شاخ وسيلي بيان ڪئي ويندي آهي؟
(A) تاريخي
(B) بياني
(C) صوتياتي
(D) انهن مان ڪوبه نه آهي
(20) ”تنقيدون“ تصنيف ڪتاب ڪنهن جي آهي؟
(A) الهداد ٻوهيو
(B) انهن مان ڪوبه نه آهي
(C) …
(D) …
PART-II (Subjective) : 80 Marks
Attempt ONLY FOUR questions from PART-II. ALL questions carry EQUAL marks.
PART-II
سوال نمبر 2: سنڌي ٻوليءَ جا اهم ۽ مڃيل لهجا ڪهڙا آهن؟ وچولي جي لهجي جي انفراديت ۽ معياري قبوليت بابت دليلن سان لکو.
سوال نمبر 3: سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڏند ڪٿائي عنصر تي روشني وجهو. اڄ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي هڪ لوڪ ڪهاڻي ۾ پيش ڪيل ڏند ڪٿا سان ڀيٽي، نتيجا پيش ڪريو.
سوال نمبر 4: سنڌيءَ ۾ دودي چنيسر جي قصي کان وٺي موجوده دور تائين مزاحمتي شاعريءَ جي روايت جاري رهندڙ آهي. مزاحمتي شاعريءَ جي روايت کي مثالن سان واضح ڪريو.
سوال نمبر 5: سنڌي نثر نگاريءَ ۾ سيد ايم جي جون ادبي خدمتون خاص طور تي خاڪن، شخصي يادگيرين، ادبي خطن وغيره جي اهميت ۽ افاديت کي مفصل نموني بيان ڪريو.
سوال نمبر 6: بابا علي جو ناول ”موهن جو دڙو“ سنڌي سماج جي ثقافتي ۽ گهڻ رنگائيءَ کي سنڌ جي ريت ڪهڙيءَ طرح پيش ڪيو ويو آهي؟
سوال نمبر 7: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، اياز شيخ، ڪهڙين فني ۽ فڪر روايتن کي اڳتي وڌايو ۽ نين ادبي روايتن جو بنياد وڌو؟
سوال نمبر 8: (الف) هيٺ ڏنل سنڌي پئراگراف جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪريو.
”شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ وسيلي هڪ آدرشي انسان جو تصور پيش ڪيو. هن بظاهر مختلف ڪردارن ۾ الڳ الڳ خوبين ۽ خاصيتن کي داخل ڪيو، جڏهن ته سسئيءَ جي حب الوطني ۽ ويڙهيچن لاءِ تڙپ، سهڻيءَ جو پنهنجي مقصد ۽ محبوب لاءِ زندگي جو داءُ تي لڳائڻ، نوريءَ جي نماڻائي ۽ پاڪيزه جه, مومل جي ڏاهپ ۽ هوشياري، ۽ ڪربلا ۾ ويڙهندڙن ۾ بهادريءَ جي گڏ کي مضبوط، بي خوف ۽ ڊپي شاندار انسان جو آدرشي خاڪو راس ٿئي ٿو. لطيف شاعريءَ دراصل هن پنهنجي سماج ۽ ماڻهن جي فڪري ذريعي طور ڪتب آندو، ۽ تربيت ۽ رهنمائي ڪئي.“
(ب) Translate the following paragraph into Sindhi.
The attachment of Jats to their camels can be seen in terms of mesmerizing designs made on the body of camels that are captivatingly remarkable. The hair cut on the camel is so beautiful that it virtually looks like a piece of art. From a distance, it appears that a relli, patchwork appliqué, is placed on the camel. But when it approaches, one stands still to thoroughly mull over the design that is interestingly fashioned.